اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموري پنجاب مان پارٽي نوجوان اڳواڻن جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، ??نه?? جي صدارت پارٽي ??ي سينيئ?? نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز ڪندي. پنهنجي پيغام ۾ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ يوٿ جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. نوجوانن جي ترقي، روزگار ۽ ڪاروبار بابت تجويزن سميت نوجوانن جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪردار ۽ پارٽي ??طح تي ڪارڪردگ?? تي غور ٿيندو. هن چيو ته مريم نواز پارٽي ??ي يوٿ ڊيولپمينٽ پاليس?? تي خيالن جو اظهار ڪندي. تنظيمي اجلاس ۾ يوٿ چارٽر ج?? تيار?? تي تجويزون ورتيون وينديون ۽ مستقبل جي حڪمت عمل?? تي مشاورت ٿيندي.