ڪراچي – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي عاصم خان سان ٽريفڪ حادثي ۾ ڌيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪي??. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زردا??ي عاصم خان جي نالي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ توهان کي صبر جميل ع??ا فرمائي، دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ع??ا فرمائي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ پٽ جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي آهي.