اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ لکين ڀائرن ڀينرن جي مهانگائي جي ڪري شديد مشڪلاتن جو اندازو آهي، اهڙي وقت رمضان المبارڪ جي آمد اسان کي اها سعادت عطا ڪري ٿي ته اسان اڳتي وڌي پنهنجي معاشري جي ان غريب ترين طبقي جي تڪليف ۾ ريليف جو ??ري??و ۽ انهن جي ڏک ۾ راحت جو وسي??و بڻجي وڃون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي اندازو آهي ته هن وقت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ لکين ڀائر ڀينرون مهانگائي جي ڪري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي ۾ رمضان المبارڪ جي آمد اسان کي اها سعادت عطا ڪري ٿي ته اسان اڳتي وڌي پنهنجي معاشري جي ان غريب ترين طبقي جي تڪليفن ۾ ريليف جو ??ري??و ۽ انهن جي ڏک ۾ راحت جو وسي??و بڻجي وڃون، جيتوڻيڪ مستحق غريب خاندانن جي لاءِ رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽ?? فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته کيس اميد آهي ته ان ناچيز خدمت ۾ ٻيا صوبا به اڳتي وڌي حصو وٺندا.