ڪراچي – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ج?? ثقافت پنهنجي بنياد ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ متحرڪ آهي، هن سرزمين کي پنجاب ان??ي ل??ءِ چوندا آهن ته هتي 5 درياءَ پاڻ ۾ ملن ٿا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ج?? ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب سميت پوري ملڪ جي عوام کي پنجاب ج?? ثقافت ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ثقافت ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو مضبوط ذريعو آهي، پنهنج?? ثقافت کان ڌار ٿي جيئندڙ شخص هجي يا قوم، اڌورا رهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ثقافتي گهرائپ اسان جي معاشري جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ اتحاد ۽ مضبوط وفاق پاڪستان جي ل??ءِ ملهائڻ گهرجي.