اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ م??اق??ت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ متحرڪ ميمبر مل?? آهي، مل?? ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل قومن پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. م??اق??ت ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد ت?? پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ??عبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو.