اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ??يو. ڊائيلاگ 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معامل?? تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاو?? تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پ??زو?? مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاو?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينج?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.