اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان ک?? سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري مل??يتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي ??قصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، م??ڪ جي سڀني شهرين کي ??رامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده مل??ي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سا?? پيدا ٿيندڙ م??ڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ??نهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون م??ڪ جي سڀني شهرين کي ??رامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.