لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بح??ان بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بح??ان جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بح??ان بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بح??ان بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بح??ان جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ??ه خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ??ه خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.