اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب صحافي باقر سجاد جي گهر تي نامعلوم ماڻهن جي حملي، فيملي کي هراسان ڪرڻ ۽ قيمتي شيون ڦرڻ جو نوٽيس وٺي ورتو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آءِ جي پوليس اسلام آب??د سان واقعي بابت منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، آءِ جي پوليس يقين ڏياريو ته هو ان واقعي جي ترجيحي بنيادن تي جاچ ڪندو. وفاقي ??زير چيو ته آءِ جي پوليس تمام جلد باقر سج??د سان رابطو ڪندو.