اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عا??مي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پا??ست??ن هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ت??ظي?? جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي ت??ظي?? جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ ت??ظي?? جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي ت??ظي?? جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عا??مي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پا??ست??ن هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پا??ست??ن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن، ت??ظي?? جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عا??مي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعا??ن ت??ظي?? جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عا??مي مسئلن جي ??ل لاءِ عا??مي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته عا??مي برادري کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پا??ست??ن ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پا??ست??ن گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پا??ست??ني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عا??مي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ به عا??مي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.