اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي ??ان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يو??يلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪر?? جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يو??يلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.