اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا فضل ال??حم??ن وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا فضل ال??حم??ن وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نو??ز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نو??ز شريف جي واپ??ي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.