بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي جي ل??ءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو ??ون?? سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ساڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزير??عظ?? وفد کي حڪومت ??ي ڪاروبار دوست پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزير??عظ?? چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي ل??ءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو ??ون?? نگران وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته ايسٽ سي گروپ گوادر فري زون ۾ ريفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزير??عظ?? ايسٽ سي گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو قرار ڏنو. نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.