اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀ??رتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪر?? رهيو آهي. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملدرآمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏي??رج?? جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.