اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي ??اء?? ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستا?? کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آه??، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آه??، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قوم?? کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آه??، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميري?? کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم جاري آه??. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آه??. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪي?? کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.