اسلام آباد – 24 – نومبر (??ي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ ??ختلف قدمن جي ??نظ??ري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ??ئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ ??ختلف قدمن جي ??نظ??ري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ ??اڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي سمورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي منافعو حاصل ڪرڻ جي هدايت ??ئي. آرمي چيف پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن جي حمايت جي لاءِ ??اڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو.