اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن ??ان مق??بل?? ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وز??راعظم شهيدن جي گهرڀاتين ??ان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.