اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد حس??ن بخش خال گُلو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تع??يتي بيان ۾ استاد حس??ن بخش گُلو جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته استاد حس??ن بخش گُلو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سڄي دن??ا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ استاد حس??ن بخش گُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. استاد حس??ن بخش گُلو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. مرتضيٰ سولنگي دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي ص?بادشاہ/122283.html">?ر ??ميل عطا فرمائي.