اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??يمرا چيئرمين جي ڀاءُ جي لاڏاڻي ??ي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.