ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئ??شن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ه?? چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون او?? چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تعليم جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تعليم جي فراهمي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون او?? چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ?? گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون او?? چيو ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. ه?? چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. ه?? چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارس??زي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بهبود کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.