اسلام آباد _ 8 فيبروري (اي پي پي ) پاڪستان ۾ عام چونڊ?? لاءِ پولنگ جي شروعات ٿي وئي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. 12 ڪروڙ 79 لک 21 هزار 49 ر??سٽرڊ ووٽر 17 هزار 758 اميدوارن مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلن جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪندا . قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽن تڪن سميت چار چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي فوتگي سبب پولنگ ملتو?? ڪئي وئي آهي . سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو مقرر ڪيو ويو آهي . سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2 لک 66 هزار 399 پولنگ يوٿ قائم ڪيا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي غير سر??ار?? نتيجو ريٽرننگ آفيسر جي آفيس مان جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيل مطابق پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندي۽ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي .