ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل سيڪيورٽي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چي?? ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي وئي آهي ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چي?? ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو فيصلو د??شتگردي جي واقعن کي نظر ?? رکندي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چي?? ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.هن چي?? ته نگران حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان سان گڏ اڄوڪي ڏينهن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کان معلوم ڪيو ويو آهي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو د??اءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چي?? ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.