??سل??م آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان ??سل??مي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ??لا??ات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي ??سل??م ??سل??م آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪند??. و??يراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.