اسلام آب??د – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مل?? جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، قيمتي ۽ ناياب پٿ??ن جي صنع?? جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ۾ جيمز ۽ قيمتي پٿ??ن جي شعبي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئن?? جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مل?? جي اڪثر علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن، جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قيمتي پٿ??ن ۽ ان سان تيار ٿيندڙ مصنوعا?? جي عالمي سرٽيفڪيشن تي ڪم ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدا??ت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿ??ن جي شعبي کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ هدا??ت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿ??ن جي شعبي جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم ان حوالي سان نجي شعبي جي ضروري مشاورت ۽ صوبن سان به رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم جيمز ۽ جيولري ڊپارٽمينٽ ڪمپني کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي قيمتي پٿ??ن جي صنع?? جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي جو عمل شروع ڪرڻ جي به تائيد ڪئي. هن هدا??ت ڪئي ته قيمتي پٿ??ن جي صنعت ۾ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. اجلاس کي پاڪستان جي جيمز اسٽونز ۽ قيمتي پٿ??ن جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿ??ن جي حوالي سان خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميپنگ ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جيمز ۽ ناياب پٿ??ن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.