اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄ??م ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ??يج??گ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون خت?? ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهو??تن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. ??يج??گ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄ??م ڪمال خان چيو ته پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.