اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظ?? ۽ ??رڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظ??من کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شر??ڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.