اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان گذريل سال (2023ع) ۾ جيلن ۾ قيد 485 ڀارتي شهرين کي آزاد ڪيو جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا، اسان ڀارتي ج??لن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي ج??د واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري ??کنداسين. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پهرين جولاءِ 2024ع تي 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت هڪ ٻئي ج?? تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جيلن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست حوالي ڪئي جڏهن ته ڀارت پنهنجي ج??لن ۾ قيد 452 پاڪستاني شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست شيئر ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست پڻ ڀارت کي ڏني وئي ج?? بابت خيال آهي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي ج??گين کان ڀارت جي تحويل ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن انساني م??ئل?? کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي لاء?? پرعزم آهي ۽ اسان ڀارتي ج??لن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي ج??د واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري ??کنداسين. ترجمان چيو ته انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ 2024ع ۾ 4 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي ٿي.