اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آباد?? جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ خميس ڏينهن ملهايو ويندو. انسان جي شروعات کان 1800 عيسوي تائين انساني آباد?? جو انگ هڪ ارب ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي 2 ارب تائين پهچي وئي، يعني ان کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ صرف 120 سال لڳا. ان کانسواءِ 50 سال بعد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. دنيا جي آبادي 8 ارب 10 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت د??يا ۾ انساني آبادي ۾ روزانو اڍائي لک جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ساليانو بنياد تي جرمني جي ڪل آبادي جي برابر آهي. ان ڏينهن کي مله??ئڻ جو مقصد عالمي آبادي ۾ اضافي ۽ ان ??ي اثرن طرف ڌيان ڇڪ??ئڻ آهي، جڏهن ته آباد?? جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺر??ئڻ ۽ آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو. گڏيل قومن پاران آباد?? جو عالمي ڏينهن مله??ئڻ جي منظوري 1989 ع ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام ن??ر ڪيا ويندا.