راولپنڊي –; 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽا??رڊ) اڪبر حسين کي ڪورٽ مارشل تحت 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آه??. ف??ضل ??دالت ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽا??رڊ) اڪبر حسين کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي ۽ سندس رينڪ به ضبط ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) اڪبر حسين کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت اڳوڻن فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ سزا ٻڌائي وئي. ان کان پهرين ميجر (رٽا??رڊ) عادل فاروق راجه، ڪيپٽن رٽا??رڊ حيدر رضا مهدي کي به بغاوت تي سزائون ٻڌايون ويون آهن. فاضل ??دالت 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023ع تي عادل فاروق راجه ۽ حيدر رضا مهدي کي سزائون ٻڌايون هيون