اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پ?? پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ?? سعودي عرب وچ ۾ مثبت ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ تعليم، واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس م شريڪ سيڪريٽري تعليم اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي مسلم ملڪن جي ايندڙ ڪانفرنس با??ت بريفنگ ڏني. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عز?? کي ورجايو ويو.