اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين چيو آهي ته فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ م??ڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پن??نجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگه?? جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ م??ڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران م??ڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي م??ڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.