اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آه?? ته پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پ??هنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني ري??ست جي مفادن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي، فوج سڌو چيو آه?? ته اها سي??ست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خان جو سياسي طريقيڪار تڪرارن سان ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، ف??ج فيصلو ڪيو آه?? ته پاڻ کي سي??ست کان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آه?? ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ذميواري آه?? ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.