راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج ??چ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد عاصم منير يوم آزادي ج?? حوالي سان پاڪس??ان آرمي ج?? اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ پروقار تقريب جي آجيان ڪئي ج??هن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪ??ي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن فوجي اهلڪارن جي خدمتن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ استقامت جي اهميت تي زور ڀريو ۽ اڳوڻن فوجين کي پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن فوجين پاڪ آرمي ج?? قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جو عهد ڪيو. اه?? تقريب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن فوجين وچ ۾ گهري رشتي ج?? عڪاسي هئي.