اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وز??ر محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪ?? جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وز??ر محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪ?? جي صورتحال، ام?? امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وز??ر محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ام?? امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ام?? امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ ام?? امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وز??ر محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.