ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وز??ر??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وز??ر??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??ر??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جي شهيدن ??ي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ ??ي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز ??ي بهادري کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وز??ر??عظ?? بلوچستان جي عوام جي قومي تعمير ۽ ترقي ??ي لاءِ قربانين ۽ ڪردار کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انهن کي پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. وز??ر??عظ?? وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ تازي افسوسناڪ واقعي سان پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ خوارج کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏني ويندي. وز??ر??عظ?? چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو. وز??ر??عظ?? چيو ته وطن ۽ معصوم شهرين ??ي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وز??ر??عظ?? واضح ڪيو ته پاڪستان جي آئين جو احترام ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون جيڪي قومي جهنڊي کي سلامي ڏين ٿا. ڪميٽي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ??ي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ڪميٽي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ انٽيلي جنس شيئرنگ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پوليس، ليويز ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وز??ر??عظ?? ۽ آرمي چيف دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??ر??عظ?? قومي ترقي ??ي لاءِ بلوچستان جي عوام جي قربانين ۽ تعاون کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انشاءَ الله پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس جي آخر ۾ وز??ر??عظ?? بلوچستان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن ۾ امدادي رقم جا چيڪس ورهايا ۽ انهن کي رياست پاران مڪمل تعاون ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ نائب وز??ر??عظ?? ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وز??ر محسن نقوي، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، بلوچستان جي وڏي وز??ر سرفراز بگٽي، اهم صوبائي وز??رن، صوبائي سيڪريٽريز، ڪم??نڊ?? بلوچستان ڪور ۽ سينيئر سول، پوليس، انٽيلي جنس ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.