اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) گوگل ??اڪ??تان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي، گوگل 2026ع تائين ??اڪ??تان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? گوگل جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي صدر اسڪاٽ بيومونٽ جي قيادت ۾ گوگل جي 4 رڪني وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي معيشت ڊيجيٽائيزيشن طرف گامزن آهي. ايندڙ 5 سالن ۾ 25 بلين آمريڪي ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي حڪومتي منصوبن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان جي معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گوگل جهڙي وڏي آءِ ٽي ڪمپني جي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??اڪ??تان جي ڊيجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ گوگل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ گوگل جي انهن قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين ??اڪ??تانين جي زندگين ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گوگل رڳو 2023ع ۾ ??اڪ??تاني نوجوانن کي 10 لک جي لڳ ڀڳ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي جيڪو ڊيجيٽل دنيا ۾ ??اڪ??تان جي صلاحيت ۽ ??اڪ??تان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گوگل جي عزم جو عڪاس آهي. آءِ ٽي جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيندي اسڪاٽ بيومونٽ چيو ته گوگل ??اڪ??تان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو معاشي بهتري جي لاءِ استعمال، نوجوانن جي وڏي آبادي ۽ تيزي سان وڌندڙ معيشت گوگل جهڙي ٽيڪ ڪمپني جي لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته 2026ع تائين گوگل ??اڪ??تان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو.