اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عزيز ڀ??ي شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ميجر عزيز ڀٽي جي بي مثال قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن جي سامهون انتهائي بهادري سان ڄ??ي قوم جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو، ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنج?? جان قربان ڪرڻ تي پوري قوم پنهنجي هيرو کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ميجر عزيز ڀٽي جي لازوال قرباني اسان جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي. اسان ان ڳالهه جو وچن ورجايُون ٿا ته اسان به پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ ??ي لاءِ تيار رهنداسين. صدر ميجر عزيز ڀ??ي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.