اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ست??دن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جو مستقبل ٺاهڻ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ واري عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. ??ست??د اسان جي مستقبل جا معمار آهن، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي ان??ن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم ??ست??دن جي عالمي ڏينهن (5 آڪٽوبر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي مستقبل جي معمار طور ??ست??دن جي قدر جوڳي ڪردار کي تسليم ڪندي ??ست??دن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ جي عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ جي ترقي بنيادي طور تي اتي جي فردن جي تعليم سان جڙيل هوندي آهي ۽ اها ??ست??دن جي اڻ ٿڪ محنت ئي آهي جيڪا نوجوان نسل ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو لڳاءُ پيدا ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن ??ست??دن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جيڪي پنهنجي پختي عزم سان نوجوان ذهنن کي سنواريندا آهن. هو اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ علم تي ٻڌل معيشيت ٺاهڻ واري اسان جي مقصد جي لاءِ سندن محنت اڻ ٽر آهي، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي ان??ن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ??ست??دن سان ڪيل پنهنجي وعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان هڪ همٿائيندڙ ۽ سٺي معاون تدريسي افرادي قوت جي اهميت کي تسليم ڪيون ٿا ۽ جديد بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي وسيلن ۾ سيڙپڪاري جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ اعليٰ ڪارڪردگي وارو تعليمي نظام ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪو اسان جي شاگردن ۽ ??ست??دن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو، اسان اڄ ۽ هر ايندڙ ڏينهن کي پنهنجي ??ست??دن جي انتهائي ا??ر انگيز ڪردار طور ملهايون ۽ پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ واري سندن مشن ۾ معاونت ڪرڻ واري پنهنجي عزم کي ورجايون.