اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت ۽ واپار جي گڏيل ورڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه قزاخستان جي وزيرا??ظم اولزاس بيڪ تي??وف ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان سلسلي ۾ وزيرا??ظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪر??ار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم زراعت ۽ واپار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي وزيرا??ظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي طور تي پاڪستان جي مثبت ڪر??ار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.