اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تن??يم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تن??يم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد تحت تن??يم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪ??دو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تن??يم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل ج?? جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تن??يم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تن??يم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تن??يم جي چارٽر ??ي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تن??يم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تن??يم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪ??دو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان گڏ تن??يم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪ??دو رهندو. وزيراعظم ايس سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي تعاون تن??يم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.