اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي پاڪس??ان ۽ سڄي دنيا ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويندو، اهو ڏينهن ڀارتي فو??ين جي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ ??ي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبضي ۽ خودمختياري جي حق کان مسلسل انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪشميرين جون ڏهاڪن ??ي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جون امنگون زندهه آهن. هن چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي من??فاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.