اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين عالمي ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن (آءِ ٽي يو سي) جي سيڪريٽري جنرل لڪ ٽرائي اينگل سان ملاقات ڪئي، جنهن ?? ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ پورهي??ن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير فلسطيني پورهيتن ۽ ف??سطين جي مسئلي لاءِ عالمي ليبر آرگنائيزيشن ۾ آواز ا??ٿارڻ تي آءِ ٽي يو سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. آءِ ٽي يو سي جي سيڪريٽري جنرل قانوني ۽ منصفاڻي پورهي??ن جي لڏپلاڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ آءِ ايل او جي ڪنوينشنز جي پابنديءَ ۾ پاڪستان جي سرگرم شموليت کي ساراهيو.