اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت جي اتحاد ۽ گڏيل افهام تفهيم ج?? فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيندي رياض ڪانفرنس ۾ شاندار آجيان ۽ تنظيم ج?? سيڪريٽري جنرل محمد بن عبدالڪريم العيس??ٰ پاران سندس لاءِ نيڪ خيالن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ وزيراعظم محمد شهباز شريف جا مسلم ورلڊ ليگ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت جي اتحاد ۽ گڏيل افهام تفهيم ج?? فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هو محمد بن عبدالڪريم العيس??ٰ پاران شاندار آجيان ۽ پنهنجي بابت سندس نيڪ خيالن تي سندس ٿورا ادا ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات تمام خوشگوار رهي. هن اسلامي اتحاد ۽ سڄي دنيا ۾ گڏيل افهام تفهيم ج?? فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي عزم کي ساراهيندي چيو ته اسلام ج?? حقيقي تصور، امن، همدرديءَ ?? يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.