باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محفوظ ??ست??بل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 سال اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم آذربائيجان جي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن سبب نقصان درپيش آهي. پاڪستان به ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. و??ير??عظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ٿيو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ پاڪستان کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. و??ير??عظم ان موقعي تي بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ان شاگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ان کي پاڪستان حڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ان جي زندگي ب??لا??ڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. و??ير??عظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. و??ير??عظم عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. و??ير??عظم چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان جو حصو 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر اسان ان جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهيون. و??ير??عظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. و??ير??عظم زور ڏنو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ طور ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. و??ير??عظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 10 سال اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان انهن جي به پوري ٿيڻ جا منتظر آهيون. و??ير??عظم چيو ته دنيا هاڻي موسمياتي تبديلين ??ا سبب ڄاڻي چڪي آهي ۽ ان جا حل به ڳوليا ويا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان فوري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ ??ست??بل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30