اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪر?? ضلعي جي علائقي اوچت ۾ مس??فر گاڏين تي فائرنگ واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزير واضح ڪيو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون مارجي ويلن جي ??ار??ن سان آهن.