اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ ??رڏ??ه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??ابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? وفاق?? وزير محمد اورنگزيب کانسواءِ پيٽروليم ۽ صنعت ۽ واپار ??ار?? سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گئس ڪمپنين جا سربراهه ??ڻ شريڪ ٿيا. ڪميٽي ڀاڻ جي قيمتن، اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ مشاهدو ڪيو ته ڀاڻ جو ڪافي ذخيرو دستياب آهي ۽ ان جون قيمتون مستحڪم آهن. ڪميٽي ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ ??ئس جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ ان کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. نائب وزيراعظم ربيع جي فصل جي موسم دوران ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي ۽ ڀاڻ جي مستحڪم پيداوار ۽ ذخيري کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.