اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين س??دا?? خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين کي وزارت جي مجموعي ڪارڪردگي، ڪم جي طريقيڪار ۽ خبرن جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي ۽ پاليسي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نئين منصوبن تي به ڊپٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي نوجوان طبقي جي لاءِ بهترين معلوماتي پروگرام ۽ تخليقي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جوڙڻ ??ي زور ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ٿيندڙ سيني?? جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ غور هيٺ آئي. سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين س??دا?? خان پاڪستان ٽيليويزن جي ايوان جي ڪوريج جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين س??دا?? خان چيو ته پاڪستان ٽيليويزن اسان جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پاڪستان ٽيليويزن هر دور ۾ عوام تائين خبر پهچائڻ جي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪئي آهي. هن چيو ته آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ پي ٽي وي جي ماهرن جي مدد سان اهڙا پروگرام جوڙي جنهن سان آگاهي پکڙجي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پي ٽي وي جو نيٽ ورڪ پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي، پي ٽي وي جي ڪري آفت سٽيل علائقن تائين نشرياتي رابطن جي ذريعي پهچ انتهائي آسان آهي. سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ملڪ جي ثقاف?? ۽ ??لائقائي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي ۾ پي ٽي وي جو تاريخي طور تي تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل ک?? انهن قدرن ۽ روايتن سان ڳنڍڻو آهي.