اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ??نڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران کان هڪ وفاقي وزير جي ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي جي الزام جي مذمت ڪندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر گڏيل ڪانفرنس ۾ چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت ??نڌ ۾ هڪ راند کيڏي پ??ي وڃي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو اسان جي دشمن ملڪ هندستان کي پهچي رهيو آهي، جيڪڏهن ??نڌ جي آءِ جي کي اغوا ڪيو ويو آهي ته هينئر تائين تعزيرات ??اڪستان تحت قابل جرم شق جو ڪيس داخل ڇو نه ٿيو آهي، ??نڌ پوليس جي ٽوئيٽ موجب ضابطي تحت ڪيس داخل ۽ گرفتاري ٿي آهي، ٻڌايو وڃي ته ??نڌ حڪومت هڪ قابل ضمانت جرم ۾ صفدر اعواڻ جي گرفتاري ڇو ضروري سمجهي، اهو به ڪوڙ ڳالهايو ويو ته بلاول وزيراعظم سان رابطو نه هئڻ تي آرمي چيف سان رابطو ڪيو، اسان سڀني کي خبر آهي ته توهان ڪمري جي اندر ڇا ڪندا آهيو ۽ ڪمري جي ??اه?? نڪري ڪهڙي جمهوريت جا چيمپئين ٺهي ويندا آهيو، سياسي ٺڳن جي پ??رٽي (ن) ليگ وارن پنهنجي دورن ۾ ماڊل ٽائون جي معصوم عورتن تي فائرنگ ڪئي، بينظير جون تصويرون هيليڪاپٽر ذريعي ??اه?? اڇلايون، ن ليگ اهڙين حرڪتن جي خالق آهي، اهي ماڻهو پنهنجي ٿوري ذاتي مفادن، ڪرپشن جي ڪيسن ۽ صحت جي نالي تي ڀڳل پنهنجي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.