حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان وڏو مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و، وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سف?? بهترين ذريعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي ا??سو?? جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪل??ميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ت?? چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪ??دڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.