ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪيڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن ??ائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن قائداعظم اڪيڊمي ڪرا??ي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن ??اباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز ق??ئم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??ڪيڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سي??ريٽري ۽ قائداعظم اڪيڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪيڊمي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن ??ي فراهم ڪيا پيا وڃن.